Click here to download Sindhi font to view this page properly

 

ٿر – مسئلن جو گهر

پروفيسر پي – اي – ٽيڪماڻي

تعارف :

موجوده ٿر ضلعي جي ڄمار اڃان ٻه ورهيه به نه ٿي آهي. انهي لحاظ کان ٿر ضلعو پنهنجي ٻاروتڻ جي وهيَ ۾ آهي. هونئن ٿر کي هڪ پنهنجو انفرادي تاريخي، سماجي ۽ ارضياتي پس منظر آهي، پر هن خطي جي دکدائڪ حقيقت اها آهي، ته کيس ڪڏهن ڪڇ، ڪڏهن براج ضلعن جي مختلف جوڙجڪن ۾ شامل ڪري سندس انفرادي حيثيت کي جهڪو ڪيو ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ هيٌ علائقو هميشه پس مانده رهيو. سندس مسئلا ڪڏهن به اهميت حاصل ڪري نه سگهيا. هن مختصر جائزي ۾ منهنجي ڪوشش انهن مسئلن کي اجاگر ڪري وقت جي حاڪمن کي اهو محسوس ڪرائڻ آهي، ته هو هن خطي جي اندروني حالتن جي تهه تائين وڃي، انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، ته ڪو سبب ناهي جو هيٌ علائقو ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ اڳڀرو نه ٿي سگهي.

موجوده ٿر ضلعو، جنهن کي انگريزن پنهنجي انتظامي جوڙجڪ تحت 'ٿر ۽ پارڪر' (1) نالي سان ترتيب ڏنو هو، صوبي سنڌ جي ڏکڻ – اوڀر ڪنڊ تي واقع آهي، جنهن جو سرڪاري طور تي اعلان، 1 جنوري 1990ع تي ڪيوويو ۽ هاڻي باقاعدي ڊپٽي ڪمشنر جي انتظامي سربراهيَ هيٺ ڪم ڪري رهيو آهي. هن ضلعي جون سرحدون اُتر ۾ ميرپورخاص ضلعي، اولهه ۾ بدين ضلعي سان ۽ ڏکڻ – اوڀر ۾ ڀارت ملڪ سان ملن ٿيون.

 

2) آثار قديمه جا ماهر چون ٿا ته ٿر اٽڪل ٻه هزار ورهيه اڳ سمنڊ جي ڏکڻ طرف هٽي وڃڻ ڪري، وجود ۾ آيو ۽ اُن کانپوِ ڪيترين ئي صدين تائين مُلڪ جو هيٌ خطو وقت جي وڏين ڌارائن سان پئي ڦريو آهي. ڪڏهن برساتن هن ضلعي جي ڪن حصن کي سائو سرسبز پئي ڪيو آهي ته ڪڏهن وري زمين جي ڦاٽڻ، ندين جي رُخ مٽائڻ، واچوڙن ۽ ٻين ڪن قدرتي آفتن جي ڪري زميني هئيت جون تبديليون پئي ٿيون آهن. ٻن هزارن ورهين جي تاريخي پيٽي ۾، مُلڪ جي هن حصي ۾ دريائن ۽ واهن جي ڪنارن تي وڏا شهر ۽ دريائي ۽ سامونڊي بندرگاهه آباد هئا، جن ۾ تهذيب ۽ تمدن جي ڇمڪ دمڪ عروج تي هئي. اهڙا پراڻا آثار ٿر ۾ هر هنڌ موجود آهن ۽ اُهي ٿر جي شاندار ماضي جي ساک ڀرين ٿا.

o    ٿر جي تباهي جي باري ۾ اينسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا (1) ۾ ڄاڻايل آهي ته اٺين صدي عيسوي ڌاري ٿر مان وهندڙ هاڪڙو درياه، جيڪو اُتر کان ڏکڻ طرف وهي، ڪڇ جي ويجهو، عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هن درياهه جي ڪري ٿر وارو علائقو تمام سرسبز ۽ شاداب هو، پر شايد چوڏهين صدي عيسوي ڌاري زبردست  ٻوڏ ۽ سيلاب ڪري، پنجاب ۾ ندين ۽ نئين جي ڦير گهير ۽ سنڌو درياهه جو اولهه طرف رخ ڦيرائڻ ڪري، هاڪڙو درياهه دُٻن ۾ تبديل ٿي ويو ۽ لڳ ڀڳ 1790ع ڌاري بنهه سُڪي ٺوٺ ٿي  پيو (2) ۽ ماڻهن توڙي چوپائي مال جي زندگيَ جو دارومدار برسات تي ٿي پيو ۽ اها چوڻي وجود ۾ آئي ته "وٺو ته ٿر، نه ته بر'

o    مُلڪ جي آزادي ۽ ورهاڱي کانپوِ، ڪيترن ئي ردعملن جي صورت ۾، هيٌ خطو گذريل 43 سالن جي دوران، ٿرپارڪر ضلعي جي ٿر سب ڊويزن جي صورت ۾، ترقيَ جون منزلون ڪڇون جي رفتار سان طئه ڪندو رهيو. انهيَ عرصي دوران صحت، تعليم ۽ اقتصادي حالتون ڪي قدر سُڌريون ته سهي، پر سنڌ صوبي جي ٻيرن ضلعن پاڪستان جي ٻين ٽن صوبن ۽ خود ٿرپارڪر ضلعي جي براج ايراضي وارن جي ڀيٽ ۾ ڪافي پوئتي رهيون، پر آخرڪار عوام جي ديرينه مطالبن رنگ لاتو ۽ ان کي عملي جامو پهرائڻ لاِ پهرائڻ لاِ 1 جولاِ 1990ع کان ٿرپارڪر  ضلعي جي ٿر ڊويزن کي منجهائنس ٽوڙي، جدا ضلعي جي حيثيت ڏني ويئي ۽ عمرڪوٽ تعلقي جي يارهن ديهن جي 2200 ڇورس ڪلوميٽر ايراضي ساڻس ڳنڍي ويئي، جيئن هي پٺتي پيل خطو ملڪ جي ٻين حصن وانگر تيزي سان ترقي جون منزلون طئه ڪري پنهنجو ڪردار خوش اسلوبي سان ادا ڪري سگهي.

3)پکيڙ ۽ آبادي:

a.              ٿر ضلعي جي  ڪُل ايراضي 21597 چورس ڪلوميٽر آهي، جنهن جي جملي آبادي 1992ع جي سرڪاري انگن اکرن پٽاندر 686، 10، 9 ماڻهن تي مشتمل آهي. (1) هڪ اندازي مطابق، ٿر ضلعي جي آبادي گذريل ڏهن سالن ۾ تقريبن 32 فيصد جي حساب سان وڌي آهي.

b.              2- طبي حالت:

              i.                                                ٿر ضلعي طبعي لحاظ کان ٻن مکيه حصن ۾ ورهايل آهي. پهريون، وارياسو يا ڀٽن جي گهڻائي وارو حصو، جيڪوسموري ايراضي جو اٽڪل  4/ 3 حصو آهي ۽ ٻيو، جبل وارو ٽاڪرو حصو، جيڪو ڪُل ايراضي جو چوٿون حصو والاري ٿو. انهن ٻن مکيه حصن کانسواِ  ڪٿي ڪٿي سنوان پٽ ۽ ڀٽن جي وچ ۾ وڏا ڏهر آهن، جيڪي ميلن ۾ پکڙيل آهن.

          ii.                                                3- آبهوا:

1.                                                             ٿر ضلعي جي آبهوا اونهاري ۾ گرم ۽ سياري ۾ سرد آهي. جيئن ته هيٌ سمورو علائقو وارياسو آهي، تنهن ڪري اونهاري ۾ ڏينهن گرم ۽ راتيون ٿڌيون ٿينديون آهن، چاڪاڻ ته واري تپي به جلد، ته ٺري به جلد، هن ضلعي ۾ وڌ ۾ وڌ گرميَ جو درجو 120 درجا فهرنائيٽ يعني 50 درجا سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيوويو آهي.

2.                                                             4- برسات:

a.                                                                                      ٿر ضلعي ۾ برسات تمام گهٽ پوي، جيتوڻيڪ ٿر جو دارومدار ئي برسات تي آهي. ڪڏهن ته لاڳيتو ٻه ٽي سال برسات ئي نه پوي ۽  جيڪڏهن پوي ته ايتري ٿوري، جو ڪا پيداوار ڪا نه ٿئي. ماڻهو توڙي چوپايو مال ڏڪار جي زد ۾ اچي، براج ايراضي ڏانهن پيٽ گذر خاطر لڏپلاڻ ڪن. ٿر ۾ 20 جون کان 15 سيپٽمبر تائين برسات يا چوماسي جي موسم ليکي ويندي آهي.

b.                                                                                      5- ماڻهو:

              i.                                                                                                                        ٿر جا ماڻهو ٿلهي ليکي ٻن مذهبي عقيدن ۾ ورهايل آهن: هندو ۽ مسلمان – سندن ڪيتريون ئي ذاتيون آهن، پر مختلف عقيدن جي باوجود ضلعي جا سمورا باشندا پاڻ ۾ کير کنڊ آهن ۽ هڪ ٻئي جي مذهبي جذبن جو پورو پورو احترام ڪن ٿا. (1)

4) گذران جا وسيلا :

ٿر جي باشندن جي گذران جو مکيه وسيلو مال چارڻ آهي، جنهن ڪري چوڻي آهي ته "ٿر آهي ٿڻ تي، نه ڪڻ تي.' ان کانسواِ ننڍي پئماني تي "گهريلو صنعت' جو واهپو پڻ آهي. مٺي، ڏيپلي، ڇاڇري، اسلام ڪوٽ، ڇيلهار، ننگر پارڪر ۽ ٻين ننڍن ڳوٺن ۾ غاليچن ٺاهڻ جا آڏاڻا لڳل آهن. ساڳئي  وقت ننڍن ڳوٺن ۾ کٿن، لوين، نوار، اڪواري ۽ ان مان مختلف شيون پڻ تيار ڪيون وينديون آهن. ٿر ۾ ڀرت جو ڪم اعلي قسم جو ٿئي ٿو ۽ اڄ ڪلهه بين الاقوامي سطح تي مشهور آهي. ڏڪار جي حالت ۾ ٻهراڙي ۽ ننڍن ڳوٺن  جا ماڻهو، جن جو گذر سفر برسات ۽ مال تي آهي، روزگار جي تلاش ۾ سنڌ جي براج ايراضيَ جو رخ ڪندا آهن، جتي پورهيو ڪري پنهنجو پيٽ قوت ڪندا آهن.

5)       مکيه فصل :

هن خطي ۾ جيڪڏهن برسات پوي ته ٻاجهري، گوار، تر، منڱ، هيرڻ وغيره جا فصل سٺا ٿين. اهي جنسون، ا ڪلهه جي قيمتن جي حساب سان 'نقدي فصل' (Cash Crops) ۾ شمار ڪيون وڃن ٿيون. 

 

7)آمد رفت :

a)         ٿر ضلعو وڏي ايراضي ۾ ڦهليل ۽ واري جي ڀٽن تي مشتمل آهي، ڳوٺ ۽ واهڻ هڪ ٻئي کان گهڻو پوي آهن، جن جو مفاصلو گهڻو ڪري اُٺن، گڏهن، گهوڙن وسيلي هڪ عرصي کان طئه ڪيو ويندو آهي. پنجاهه واري ڏهاڪي دوران فوجي جي – ايم – سي ٽرڪن انهي فاصلي کي  ڪجهه قدر ضرور گهٽايو، پر آمد رفت جو بنيادي مسئلو جيئن جو تيئن موجود آهي، توڙي جو نئون ڪوٽ کان مٺي تائين پڪو رستو اسي واري ڏهاڪي ۾ جُڙي راس ٿيو ۽ سرڪاري مسافر بسون هلڻ شروع ٿيون، پر ٿر جو باقي حصو، پڪن رستن جي ٺهڻ جا ٺيڪا ڏيڻ جي باوجود، اڃا تائين هڪ ٻئي کان اوترو ئي ڪٽيل آهي. اهڙي حالت ۾ اٺ اڃا تائين خشڪي جو ٻيڙو سڏجي ٿو. فوجي ٽرڪن کي ماڻهن توڙي بار برادري ۽ واپار لاِ استعمال ڪيو وڃي ٿو،جيڪي اوڪي جيٽ رفتار دور ۾ عجوبي جي حيثيت رکن ٿيون. 

 

...Contd