Click here to download Sindhi font to view this page properly
(1)
IFAD (International fund for
Agricultural Development)
جيڪو
اقوام متحده
جو ترقي جو
ادارو آهي،
جنهن جو مول
مقصد ٻهراڙي
جي غريب عوام
کي پيداواري ۽
پاڻ تي ڀاڙڻ
جي لائق بنائڻ
آهي، تنهن
سڀني ملڪن جي
حڪومتن جو
ڌيان هن نقطي
طرف ڇڪايو آهي
ته غربت جي
خاتمي سان ئي
ملڪ ترقي ڪري
سگهن ٿا. هن
اداري
پٽاندر، دنيا
۾ ڪنهن به جنگ
۾ ايترا ماڻهو
نه ماريا ويا
هوندا، ۽ نه
وري اپاهج ٿيا
هوندا، جيترا
غربت ۽ غذائي
قلت جي ڪري
مئا ۽ اپاهج
ٿيا
آهن. (2)
ٿر جي
اقتصادي
زندگي جو
سمورو
دارومدار
برسات تي آهي
۽ برسات جو
وسڻ قدرت جي
وس. جيڪڏهن
قدرت ٿئي راضي
ته ٿر ۾
سُڪار، نه ته
ڏڪار ئي ڏڪار
۽ ٿري ماڻهن
جي بئراج
ايراضي ڏانهن لڏپلاڻ
شروع. چوپايو
مال توڙي
ماڻهو ڏکن ۽
ڏولائن ۾.
اهڙي صورتحال
جي پيش نظر 4/3
حصو آبادي کان
خالي ٿيو وڃي.
جڏهن وري بوند
وسي ۽ کنوڻ
چمڪي ته ٿري
وري پنهنجا
لڏا پٽي ٿر جو
رُخ رکن ۽
پنهنجي ماڳ
پهڇي ٻني ٻاري
کي لڳن.
ا جي
جديد دنيا ۾
اقتصادي ترقي
لاِ آبپاشي،
برقي قوت ۽
آمد و رفت جي
نظام جو هئڻ
تمام ضروري آهي.
انهن سهوليتن
کانسواِ
اقتصادي
سڌاري ۽ واڌاري
جي باري ۾
سوڇي به نه ٿو
سگهجي. اهي
سهوليتون
ميسر ڪرڻ لاِ
ناڻي جي تمام
گهڻي ضرورت
ٿئي ٿي. ناڻي
کانسواِ
تعليم،
ٽيڪنيڪي ڄاڻ،
ضروري تنظيمن
جو هجڻ، جن جي
ذريعي اهي سهوليتون
آساني سان
مهيا ڪري
سگهجن ٿيون.
انهي سلسلي ۾
منهنجي راِ
موجب هيٺيان
قدم کڻي ٿر جي
اقتصادي
صورتحال کي
سڌاري ۽ وڌائي
سگهجي ٿو.
1-
آبپاشي جو
نظام :
ا ڪلهه
ٿر ۾ آبپاشي
جو ڪوبه نظام
ناهي، سواِ
انهن کوهن مان
ڏکيائي سان
پيئڻ ۽ عام
استعمال جو پاڻي
حاصل ڪرڻ جي
آبپاشي جو
نظام سائنسي
بنياد تي قائم
ڪرڻ لاِ هڪ
خاص اداري جي
ضرورت آهي، ڇو
جو ڪو به ڪم
بنان رٿابندي
جي ڪري نٿو ذميواري
هوندي آهي.
تنهن ڪري Thar Water
Development and Conservation Boardکي زير
زمين پاڻي جي
ذخيرن کي
استعمال ۾ آڻڻ
لاِ تدبيرون
ڪري، خاص ڪري
ٻنين ۾ حوض ۽
تلاٌ ٺاهڻ لاِ
هارين ۽ ٻنين
جي مالڪن کي
همٿائي، کين انهيَ
ڪم لاِ مالي
امداد مهيا
ڪري اهڙا تلاٌ
۽ حوض انفرادي
طور هڪ ٻني
لاِ اجتمعاي
طور ڇئن يا
پنجن ٻنين لاِ
قائم ڪري
سگهجن ٿا. اهي
تلاَ يا حوض
ٿوري گهڻي
مرمت سان سالن
جا سال
استعمال ۾ اڇي
سگهن ٿا. هاري
يا ٻني جا
مالڪ ورتل قرض
ٻن يا ٽن سالن اندر
آساني سان ادا
ڪري سگهندا.
زير
زمين پاڻي کي
زميني سطح
تائين آڻڻ لاِ
ٽيوب ويل يا
ونڊملز (پن
چڪيون)
استعمال ٿي
سگهن ٿيون.
اهڙي طرح اهو
پاڻي چوپائي
مال جي پيئڻ لاِ،
چارو پيدا ڪرڻ
لاِ ۽
ٻيلا لڳائڻ لاِ
ڪتب
آڻي سگهجي
ٿو. ٻيلن مان هتان
جي مقامي
ماڻهن کي چڱي
خاص پيدائش
جهڙوڪ کونئر،
ماکي، ٻارڻ
وغيره حاصل ٿي
سگهي ٿو. انهي
کانسواِ ٿر ۾
هڪ اهڙووڻ ٿئي
ٿو جيڪو منهن
جي خيال ۾ رڳو
ٿر ۾ ئي ٿئي ٿو.
انهيَ کي
"روهيڙو"
چوندا آهن، جنهن
جو ڪاٺ مضبوط
ٿئي ٿو ۽
فرنيڇر لاِ
ڪارگر ٿيندو
آهي، ان کي
عام ڪرڻ جون
ڪوششون ڪيون
وڃن.
3- برقي
قوت:
اڄ
ڪلهه هن سائنس
۽ ٽيڪنالاجي
جي دور ۾ ڪم
ڪار ڪرڻ جا
طور طريقا تيز
رفتاري
اختيار ڪري
ويا آهن. اڳي
جيڪو ڪم سالن
۾ ٿيندو هو،
اهو هاڻي
بجليَ جي
وسيلي هلندڙ
مشينن ۾
اوزارن جي
ذريعي اک چنڀ
۾ تڪميل تي
پهچيو وڃي.
اهڙي طرح
ماڻهو جي
مزوري ۽ پورهيو
ڪرڻ وارن جي
قوت ۽ وقت جو
وڏو بڇاٌ ٿيو
پوي پر افسوس
جو ٿر جا
ماروئڙا گهڻي
ڀاڱي بجلي
جهڙي نعمت ۽
بنيادي
سهوليت کان
محروم آهن. ٿر
جهڙي
ريگستاني
علائقي کي
سرسبز ۽ آباد
بنائڻ لاِ
بجليَ جو
استعمال وقت
جي اهم ضرورت
آهي چاڪاڻ ته
اقتصادي
واڌاري ۽ ترقي
قوت بنيادي حيثيت
رکي ٿي. بجلي
کان سواِ
اقتصادي ترقي
جي باري ۾
سوچڻ خام
خياليَ
کانسواِ ٻيو
ڪجهه به ناهي.
ٿر ۾ بجلي
پيدا ڪرڻ جا
ذريعا موجود
آهن. تازو ٿيل
ڪوئلي جي
دريافت انهي
ڏس ۾ ڪافي
مددگار ٿي
سگهي ٿي.
ڪوئلي
کانسواِ سج جي
گرميَ مان
بجلي حاصل ڪري
سگهجي ٿي،
چاڪاڻ ته اڄ
ڪلهه دنيا ۾
شمسي توانائي
جو استعمال
وڌي رهيو آهي.
بجلي حاصل ڪرڻ
جي هن ذريعي
جا ڪيترائي
اقتصادي ۽
ٽيڪنيڪي فائدا
آهن، جن مان
ڪي ٿورا هي
آهن: