Click here to download Sindhi font to view this page properly

 

8) ٿر ضلعي معدني دولت سان مالا مال آهي. اڳي ته رڳو ننگر پارڪر تعلقي ۾ ڪارونجهر جبل مان سنگ مرمر گرئنائيٽ ۽ چيني مٽي (China Clay) جي ملڻ جي ڄاڻ ته هئي، پر هاڻي ته ڇاڇري تعلقي جي ديهه ڍاڪلي ۾، ۽ انهي ساڳئي پٽي ۾ اسلام ڪوٽ تائين تقريبن ويهه ارب ٽن قدرتي ڪوئلي جي دريافت ٿي آهي. انهي کانسواِ ڏيپلي تعلقي ۾ پراڻي وقت کان لوڻ  جون کاڻيون پڻ موجود آهن.

 

9) زير زمين پاڻي جا ذخيرا :

هونئن ته ٿر جي ماڻهو پاڻي لاِ ايامن کان وٺي يا ته آسمان ڏانهن ڏٺو آهي، يا پوِ پاتال ڏانهن. تازو زير زمين پاڻي جي ذخيري جو انڪشاف ٿيو آهي، جيڪو ايتري ته گهڻي مقدار ۾ آهي جو جيڪڏهن سئو سال استعمال ڪيو ويندو ته به ته کٽندو بلڪ وڌندو ئي رهندو.

a)مٿين ڳالهين جي پس منظر ۾ ڏسبو. ته هيٌ خطو نهايت ئي سُست رفتاري سان ترقي جون منزلون طئه ڪندو نظر اڇي ٿو. انهي ڪري سنڌ صوبي جي تناظر ۾ هي خطو هڪ مخصوص ڪلچر رکي ٿو. ماڻهن ۾ حوصلو آهي. جيستائين ترقي ڪرڻ لاِ گهربل وسيلا مهيا ٿي نه ملندا، روزگار جا ذريعا ميسر نه هوندا، معدني پيداوار جي لڪل خزانن کي مقامي آبادي جي فلاح ۽ بهبود لاِ ڪم نه آڻبو، تعليم سستي، سولي ۽ عام آمدرفت جي ذريعن کي جديد نه ڪيو ويندو، تيستائين ٿر جي نصيبن کي روان زندگيَ ۾ تبديل نه ڪري سگهيو. انهي خيال کي مدنظر رکي، آئون هتي صحت، تعليم ۽ اقتصادي مسئلن جو ذڪر ڪري، ان لاِ ممڪن رٿن ۽ مشورن تي عمل ڪرڻ جي صلاح ڏيندس.

10) صحت ۽ صفائي :

a)صحت جي اهميت جي باري ۾ ڪيتريون ئي چوڻيون آهن. جي خوش ته جهان خوش. صحتمند ذهن، صحتمند جسم ۾ ئي رهي سگهي پر لڳي ٿو ته اهي چوڻيون ٿر جي ماڻهن سان لاڳو نٿيون ٿين. چوڻ لاِ، چيو وڃي ٿو ته ٿر ضلعي ۾ 34 بنيادي هيلٿ يونٽس ۽ رورل اسپتالون، 21 اسڪول هيلٿ ڪلينڪس کانسواِ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڊسپينسريز موجود آهن. جن ۾ 141 مرد ڊاڪٽرن ۽ ليڊي ڊاڪٽرن جي جاين تي رڳو 46 مرد ڊاڪٽر ۽ 3 ليڊي ڊاڪٽر ڪم ڪري رهيا آهن.

b) صحت لاِ سرڪاري مهيا ڪيل سهوليتن جي اها صورتحال ڪيتري نه دکدائڪ ۽ غير حوصليمند آهي. دور دراز جي باشندن کي دوا درمل جون سهوليتون نه ملڻ سبب، منجهائن ڪيترائي اهڙين بيمارين وگهي مريو وڃن، جن جي بيمارين جي سڃاڻپ ئي ڪانه ٿئي. ڪيتران نانگ ۽ بلائن جي ڏنگڻ سبب ڦٿڪيو مريو وڃن. پورو کاڌو نه ملڻ تي بار ڪيترن ئي مرضن ۾ مبتلا ٿي پنهنجي زندگي وڃايو ڇڏين. ڪيترائي ماڻهو ۽ ٻار سلهه، تپ دق، پوليو، دست، اُلٽين، مليريا، جگر جي خرابي اکين جي بيمارين ۽ چمڙي جي بيمارين ٽٽينس ۽ ٻين ڪيترن ئي بيمارين جو کاڄ  بنجيو وڃن. حامله عورتون ته سرڪاري اسپتالن جو منهن ئي ڪونه ڏسن ۽ پنهنجي ۽ پنهنجي ٻار جي زندگي تان هٿ ڌويو وهن. اها صورتحال ڏڪار وارين حالتن ۾ پاڻ وڌيڪ گنڀير بڻجيو وڃي، جيڪا ماحول کي اڳي کان وڌيڪ هيبت ناڪ بنايو ڇڏي.

c) ٿر کي ضلعي جي رُتبي کانپوِ مٺي ۾ سول اسپتال جي قائم ٿيڻ، سول سرجن جي مقرر ٿيڻ ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر جي آفيس قائم ٿيڻ سان هاڻي اميد ڪري سگهجي ٿي ته صحت ۽ صفائي جي معاملي ۾ ڪجهه قدر مثبت سڌارو ايندو. انهيَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٻار جي صحت جو دارومدار ماٌ جي تندرستي تي آهي ۽ تندرستي جو مدار متوازن غذا تي منحصر آهي، جيڪا ٿري عورتن کي ميسر ناهي. جيئن ته ٿر ضلعو مسلسل ڏڪارن جي زد ۾ آهي ۽ بک ۽ بيمارين کي منهن ڏيڻ سبب ٿري عورتن جي عام صحت سٺي نٿي رهي، تنهن ڪري حمل ٿيڻ کان وٺي ٻار جي ڄمڻ تائين کين صحتمندٻار ٿيڻ لاِ جنهن  کاڌ خوراڪ جي ضرورت ٿئي ٿي، اها نه ملڻ ڪري ٻار صحت جي وقت بيمارين کي منهن ڏيئي غيرصتحمند ئي رهن ٿا، جن مان اڪثر ٻار موت جو شڪار ٿي وڃن ٿا يا پوِ سلهه، پوليو، دست، اُلٽين، پيڇش وغيره جهڙين بيمارين ۾ مبتلا رهن ٿا.

d) ٻئي طرف سندن مائرون ساڳين سببن ڪري يا ويم ۾ موت جو شڪار ٿيو وڃن، يا پوِ مسلسل بيمار رهي ٿوري ڄمار ماڻين ٿيون. ٿوري مفاصلي تي مهيا ڪرڻ جو انتظام سهوليتون ٿر ضلعي جي ٻهراڙين ۾ امداد ملي سگهي ۽ قيمتي جانوين بچائي سگهجن. انهي سلسلي ۾ ٻارن جي غذائي ضرورت تي خصوصي طور تي توجهه ڏنو وڃي ته جيئن سندن يونيسيف جي سهڪار سان پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ ٻارن لاِ غذائي پروگرام جو اهتمام ڪيو پيووڃي، جيئن ته عام ٿري ماڻهو پنهنجي ٻارن کي متوازن نٿو ڪري سگهي، اهڙي صورتحال جي پيش نظر، مخير حضرات ۽ حڪومت جي ادارن کي انهيَ ڏس ۾ ڪوشش وٺڻ کپي ۽ اسڪول لنڇ پروگرام ڳوٺن جي اسڪولن ۾ وڏي پئماني تي متعارف ڪرائي، ڇاڪاڻ ته صحتمند دماغ صحتمند جسم ۾ ئي نشو و نما پائي ٿو.

e) جيتوڻيڪ ٿر ضلعي جي اندروني حصن ۾ سرڪاري بنيادي صحت مرڪز، رورل هيلٿ سينٽر ۽ ضلعي ڊسپينسريون وغيره رڪارڊ تي موجود آهن، انهن لاِ عمارتون يا ته اڳ ۾ ئي تعمير ٿيل آهن يا زير تعمير آهن، پر منجهن ڊاڪٽر ۽ سندن مددگار عملو گهڻي قدر غير حاضر يا خالي ملندا. ڊاڪٽرن ۽ سندن عملي کي ٿر جي ڏورانهن ۽ اڻانگن ڳوٺن ۾ ڪم ڪرڻ لاِ آماده ڪيو وڃي ۽ سندن موجودگي کي يقيني بنايو وڃي، ته جيئن عام ٿري ماڻهن کي طبي سهوليتن جو پورو پورو فائدو حاصلٿي سگهي. انهيَ سان گڏوگڏ يونسيف ۽ WHO جي سهڪار سان گشتي اسپتالن جو انتظار ڪيووڃي، ته جيئن اُهي ننڍا ڳوٺ، جتي طبي سهوليت جي اڻ هوند آهي،فائدو حاصلڪري سگهن. اها ڳالهه وڏي اهميت واري آهي، ته تعلقي اسپتالون جديد مشيني سهوليتن سان آراسته هجڻ گهرجن، ته جيئن بيمارين جي تشخيص ۽ انهن جي علاج ۾ مدد ملي سگهي.

f) عام طرح ٿر جي ٻهراڙي وارن رهاڪن کي صحت ۽ صفائي جي باري ۾ بنيادي ڳالهين جي ڄاڻ گهٽ آهي. عام طرح چوڻي آهي ته علاج کان احتياط ضروري آهي. انهي ڳالهه جي پيش نظر ڏورانهين هنڌن تي واقع هر اسڪول ۾ مقرر ڪيل ڊاڪٽري عملي (School Health Clinics) ذريعي اها ڄاڻ شاگردن کي پهڇائي وڃي، جنهن جا نتيجا موثر نڪري سگهندا.

g) حڪومت پنهنجي رٿائن مطابق انهيَ ڳالهه تي ڪاربند آهي ته 2000ع تائين مُلڪ ۾ 'صحت سڀني لاِ' تحت طبي سهوليتون مهيا ڪري عوام کي بيمارين کان ڇوٽڪارو ڏيارجي. انهي مقصد ۾ ڪاميابي لاِ ضروري آهي ته ٿر جي پوئتي پيل علائقي ۾ ضروري طبي اپاَ وٺي، کيس ايندڙ ايڪويهين صديَ جي لڪاريندڙ دور سان منهن مقابل ڪيو وڃي.

11) تعليم و تربيت :

a) ورهاڱي کانپوِ ٿر ضلعي واري ايراضي ۾ تعليم جي ڏس ۾ ڪافي قدر نمايان ترقي نظر اڇي ٿي. ڪيترن ئي ڏورانهن هنڌن تي پرائمري اسڪول کوليا ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ ۾ به پرائمري تعليم حاصل ڪيل ماڻهو ملندا، مڊل اسڪولن ۽ هاِ اسڪولن جي تعداد ۾ به واڌارو ٿيو آهي. پر ڇوڪرين جي اسڪولن ۾ ايتري واڌ نه ٿي آهي، کان ڪوتاهي جي نشاندهي ڪرڻ پڻ ضروري آهي ته ڏورانهين هنڌن تي پڙهيل طبقي مان ماسترياڻيون مقرر ڪيون وينديون آهن، جيڪي مهيني ۾ ورلي اسڪول جو منهن ڏسنديون آهن. نتيجي ۾ سمورن داخلائن، امتحان ۽ نتيجن جو جڙتو رڪارد ٺاهي انگ اکر ڏيکاريا ويندا آهن. انهيَ سموري ڪوتاهيَ کي لڪائڻ لاِ غيراخلاقي ۽ غيرقانوني رشوت جو ڪاروبار قائم رهي ٿو. انهيَ غيرذميدارانه حرڪت کي ٻنجو ڏيڻ لاِ ضروري آهي ته تعليمي کاتو ماسترياڻين جي اسڪول ۾ حاضريِ کي يقيني ۽ ان سان گڏوگڏ مقامي ڇوڪرين کي اسڪول ۾ وڌ ۾ وڌ داخلائن تي آڀاري، کين مناسب طريقي سان تعليم جي زيور سان آراسته ڪري، ته جيئن هن ملڪ جي پڙهيل ۽ سجاڳ طبقي ۾ واڌارو آندو وڃي.

              i.                                                                                                                                                                                                تعليم جي لحاظ کان ٿر ضلعي کي ترقي يافته ۽ غير ترقي يافته  ٻنهي زمرن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. ترقي يافته انهي لحاظ کان ٿو ڇئجي، جو هن ضلعي جا نيم – شهري علائقا يعني مٺي، ڇاڇرو، ڏيپلو، چيلهار،ڪانٽيو، اسلامڪوٽ ۽ ننگر پارڪر تعليمجي ڏس ۾ گهڻو اڳتي وڌيل آهن. انهن علائقن جا پڙهيل لکيل ماڻهو سنڌ جي سرڪاري نوڪرين ۾ وڏن عهدن تي ملندا. ڪوبه اهڙو کاتو نه هوندو جنهن ۾ ٿر جو ڪونه ڪو ماڻهو ڪنهن اهم عهدي تي ڪم نه ڪندوهجي. مطلب ته ڊڪاٽر، انجنيئر روينيو عملدار، جج، وڪيل، استاد، پروفيسر وغيره چڱي خاصي تعداد ۾ پنهنجون پيشيورانه خدمتون سرانجام ڏيندي ملندا. ٿر جي ٻهراڙي کي غيرترقي انهيَ لحاظ کان ٿو چئجي جو ٻهراڙي وارا علائقا جيڪي تقريبن اڍائي هزار ڳوٺن تي مشتمل آهن، اهي تعليمي سهوليتن کان وانجهيل آهن. انهي لحاظ کان ائين چوڻ ۾ ڪو مبالغو نه ٿيندو، ته گهڻو تڻو ٿر ضلعو تعليمي ميدان ۾ ڪافي پٺتي پيل علائقو آهي ۽ انهيَ ڳالهه جي اشد ضرورت آهي، ته ٻهراڙي  وارن دور دراز علائقن کي تعليم جي روشني کان وانجهيل نه رکيووڃي ته جيئن ٿر جي مارو ماڻهن ۾ تعليم جي روشني عام ٿئي ۽ اهي پنهنجو پاڻ کي پروقار پاڪستاني شهري سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ واڌاري ۾ دل وجان سان پنهنجو هٿ ونڊائين.

          ii.                                                                                                                                                                                                تعليم ترقي جي ڪري ئي اقتصادي ترقي جو بنياد پئجي سگهي ٿو. تعليم ۽ اقتصاديات جو چولي دامن جو ساٿ آهي. جن به ملڪن ۾ تعليم ۽ خواندگي جو في سيڪڙو مٿاهون آهي، اتي ماڻهن جي اقتصادي حالت تمام مٿڀري آهي ۽ سندن رهڻي ڪهڻي جو معيار تمام اوچو آهي. انهي ڪري اهو ضروري آهي ته ٿر ضلعي ۾ ترقي ۽ واڌاري جو ماحول پيدا ڪرڻ لاِ تعليم جي شعبي کي وڌيڪ ترقي يافته ۽ مضبوط بنائڻ لاِ هيٺيان قدم کنيا وڃن.

 

...Contd