Click here to download Sindhi font to view this page properly
13) هر
يونين
ڪائونسل ۾
ڇوڪرن لاِ هاِ
اسڪول تائين ۽
ڇوڪرين لاِ
مدل اسڪول
تائين تعليم
جو بندوبست
ڪيو وڃي.
14) هر يونين
ڪائونسل ۾ هڪ
مونوٽيڪنيڪل
اسڪول کولڻ جو
اهتمام ڪيو
وڃي ته جيئن
مقامي سطح
وارن هنرن ۽
ڌنڌن کي فروغ
ملي ۽ ساڳئي
وقت افرادي قوت
تربيت يافته
ٿي روزگار
ڪمائڻ جي اهل
ٿئي.
15) هر
تعلقي هيڊڪوارٽر
۾ هڪ هائر سيڪنڊري
اسڪول، ٻه اسڪول
کوليا وڃن، جن
مان هڪ سيڪنڊري
اسڪول، هڪ مڊل
اسڪول ۽ ٻه پرائمري
اسڪول رڳو ڇوڪرين
لاِ مخصوص هجن.
16) ضلعي
هيڊڪوارٽر ۾
هڪ سائنس ڊگري
ڪاليج، هڪ
آرٽس ڊگري
ڪاليج، ٻه
هائر
سيڪنڊري، ڏهه
پرائمري
اسڪول کوليا
وڃن، جن مان
هڪ هائر
سيڪنڊري
اسڪول، هڪ
سيڪنڊري
اسڪول، ٻه
سيڪنڊري مڊل
اسڪول ۽ پنج
پرائمري
اسڪول رڳو
چوڪرين لاِ
مخصوص هئڻ
گهرجن.
17)
ٽيڪنيڪل
تعليم جي حصول
لاِ ضلعي
هيڊڪوارٽر ۾
هڪ پولي
ٽيڪنيڪ ڪاليج
کوليو وڃي.
18) ٿر
جي مکيه شهرن
۽ ڳوٺن ۾ هنري
تعليم جي
واڌاري لاِ
ووڪيشنل
اسڪول ۽
انڊسٽريل
هومز پڻ کوليا
وڃن، جن جي
ذريعي ٿري مرد
توڙي عورتن کي
هنري تعليم
روزگار لائق
بنايو وڃي ۽
ٿر جي روايتي
هنرن کي
سائنسي بنياد تي
ترقي وٺرائي
وڃي.
اقتصادياتي
ترقي :
اقتصادي
طور ٿر هميشه
کان وٺي ڏتڙيل
پئي رهيو آهي.
حڪومت توڙي
مقامي ماڻهن
طرفان اقتصادي
حالتون سڌارڻ
لاِ اجتماعي
طور قدم ورلي
پئي کنيا ويا
آهن. انهي ڪري
گذريل
پنجيتاليهه
سالن ۾ ٿر جي
اندر اقتصادي
ترقي نالي
ماتر ٿي آهي.
سنڌ حڪومت 1985ع ۾ SAZDA
(Sindh Arid Zone Development Authority نالي سان
هڪ ادارو قائم
ڪيو. انهيَ اداري
جوخاص مقصد سنڌ
جي ڪوهستان، ناري
۽ ٿر جي ايراضين
کي ترقي وٺرائڻ
آهي. انهي اداري
کي ڪم ڪندي تقريبن
اٺ سال ٿي ويا آهن،
پر اڃا تائين
ڪو خاص اميد افزا
نتيجونه نڪتو آهي.
جيڪڏهن ڪجهه ڪيو
اٿس ته اهو رڳو
ڪاغذي ڪارروائي
تائين محدود آهي.
عملي طرح ڪو ڪم
سامهون نه آيو
آهي، جنهن مان
اهو ظاهر ٿئي ته
واقعي ڪي اهڙا
ترقياتي ڪم ٿيا
آهن، جن جي ٿيڻ
سان ٿر جي اقتصادي زندگي
۾ ڪو متاثر ڪن
ڦيرو آيو هجي. SAZDA واري اداري
جي مقصدن ۾ 1 زير
زمين پاڻي جي ذخيرن
جي کوج، 2- آبپاشي
لاِ ننڍا بند
ٻڌي پاڻيَ کي
ڪٺو ڪري استعمال
ڪرڻ جا اپاَ وٺڻ،
3- ڪلراٺي زمين لاِ
فصل پوکڻ جي رٿابندي
ڪرڻ، 4- چوپائي مال جا فارم
قائم ڪرڻ، 5- جانورن
جون اسپتالون قائم
ڪرڻ، 6- طبي سهوليتون
جو ڄار وڇائڻ،
7- پڪا رستا
ٺاهڻ، 8- گرڊ اسٽيشنن
جي ذريعي بجلي
پهڇائڻ، 9- شمسي
توانائي جا پلانٽ
لڳائڻ، 10- گهرو دستڪاري
جا مرڪز قائم
ڪرڻ، 11- ٻيلن کي ترقي
وٺرائڻ، 12- ٿر کي
وڌيڪ ويران ٿيڻ
کان بڇائڻ ۽ 13- مختلف
شعبن ۾ تحقيقي
ڪمن لاِ فنڊ مهيا
ڪرڻ شامل آهن.
سازدا
جي اعلان
پٽاندر سنڌ جي
ٿر واري
علائقي ۾ زير
زمين پاڻيَ جا
وافر ذخيرا هٿ
آيا آهن. اهي
پاڻي جا ذخيرا
ڏهه هزار ڇورس
ڪلوميٽر
ايراضي ۾
ڦهليل آهن ۽
انهن جي عمق
ٻه سئو فوٽن
تائين آهي.
اهي پاڻي جا
ذخيرا ٿر ۾
استعمال لاِ
سئو سالن
تائين ماڻهن
توڙي چوپائي
مال جون
گهرجون
پوريون ڪري سگهن
ٿا. (1) ضرورت
انهي ڳالهه جي
آهي ته
واسطيدار سازدا
اختياري
وارا، سنڌ
حڪومت ورلڊ
بئنڪ ۽ ٻين
بين الاقوامي
سالياني
ادارن جي سهڪار
سان انهن
ذخيرن کي
استعمال جوڳو
بنائڻ لاِ جلد
ازجلد
پنهنجون
رٿائون تيار
ڪن، ته جيئن
ٿر جو عوام
انهن مان
مستفيد ٿئي ۽
ٿر ۾ خوشحاليَ
جي دور جو
آغاز ٿئي.
تازو
جيالاجيڪل
سروي آف
پاڪستان وارن
جي اخباري
رپورٽ مطابق
ٿر جي ڇاڇري
تعلقي جي ڳوٺ
ڍاڪلي جي
آسپاس ويهه
ارب ٽن نهايت
ئي اعلي ۽
عمدي قسم جي
ڪوئلي جي
دريافت جو
انڪشاف ڪيو
آهي. (1) جيڪو
مقامي طور تي
طاقتور بجلي
گهر قائم ڪرڻ
۽ صنعتي ترقي
جي ڏس ۾ وڏو
ڪردار ادا ڪري
سگهي ٿو.
انهيَ عمل
۾ ٿر علائقي
کي هڪ طرف
ڪوئلي جي رائلٽي
جي طور رقم
حاصل ٿي سگهي
ٿي، جيڪا ٿر لاِ
ترقيَ جو باعث
ٿيندي ۽ ٻئي
طرف ٿر جي عام
زندگي کي بهتر
بنائڻ ۾ مدد
ملي سگهندي.
اهڙي طرح ٿر
علائقو جيڪو
ملڪ تي غير
ترقي يافته
حصوهجڻ ڪري
بار بنيو آهي،
اهو خود ڪفيل
ٿيندو ۽ ڪالا باغ
جهڙن ڪارن
منصوبن تي عمل
ڪرڻ جي به ضرورت نه
ٿيندي.
روزنامه هلال
پاڪستان جي
انهيَ
ايڊيٽوريل جي
ڳالهه
چائناڪلي ۽ ڪوئلي
کي اهڙي طريقي
سان استعمال
ڪيو وڃي جو وڌ
کان وڌي ٿري
باشندن کي
فائدوحاصل
ٿئي. انهي ڏس ۾
سنڌ حڪومت ۽
سندس چونڊيل
نمائندن تي
وڏي ذميداري
عائد ٿئي ٿي
ته هو انصاف
پسندي سان وسيلن
جي صحيح ورچ
ڪري ۽ گهربل
استفادو حاصل
ڪن.
ٿر
جا ماڻهو
خصوصن ٻهراڙي
جا رهاڪو غربت
جو شڪار آهن.
سندن رهڻ ڪهڻ
غربت جي سطح
کان به هيٺ آهي. UNDP جي
رپورٽ مطابق گذريل
ٽيهن سالن ۾ غربت
۽ شهوڪاري درميان
فاصلو ٻيڻو ٿي
ويو آهي. ڊاڪٽر
محبوب الحق، جيڪو
انهي رپورٽ جو
مصنف آهي، ان جي
مطابق هر پنجون
شاهوڪار ماڻهو
هر پنجين غريب
ماڻهوَ کان اٽڪل
هڪ سئو پنجاهه
ڀيرا وڌيڪ ڪمائي
ٿو. اهڙي طرح غريب
ماڻهو وڌيڪ غريب
ٿيندو پيو وڃي
۽ شاهوڪار ماڻهو
وڌيڪ شاهوڪار،
ڇاڪاڻ ته ملڪن
جون اقتصادي پاليسيون
۽ رٿائون سرندي
پڄندي وارا شاهوڪار
ماڻهو ٺاهين ئي
پنهنجي لاِ ٿا.